جوهي(ن پ ا) جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباھڪارين کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، سرڪار طرفان گهرن جي تعميرات لاءِ اعلانيل رقم نه ملڻ خلاف يونين ڪائونسل جوهي ٽو جي ڳوٺ بالاچ پنهور جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان ڳوٺاڻن قربان علي پنهور، رجب پنهور، آچر پنهور، سومر پنهور، شمن پنهور ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٻوڏ کي ٽي سال گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار، طرفان گهرن جي بحالي لاءِ اعلانيل رقم نه ملي سگهي آھي، خيمن ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون معصوم ٻچڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن هنن چيو ته جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن  جي گهرن جي بحالي لاءِ پراجيڪٽ سماجي تنظيم ٿرديپ کي مليل آھي، پر ٿرديپ انتظاميا سروي کانپوءِ منهن نه ڪيو آھي اسين ٿرديپ آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون اسان جي ڳوٺ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي هنن سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفڪٽيڊ جي سي اي او خالد محمود شيخ، سنڌ سرڪار ضلعي انتظاميا سميت ذميوارن کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي گهرن جي بحالي لاءِ اعلانيل رقم ڏئي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.