جوهي (ن پ ا) جوهي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني چورين, ڦرن, تي ڪنٽرول نه ٿيڻ خلاف جوهي سول سوسائٽي ۽ شهرين  سياسي سماجي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جوهي شھر ۽ ڀرپاسي ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن جوهي سڄاگ فورم , ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهر ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي  سرائي اڪبر پنهور، سانوڻ ٻٻر، غلام شبير گاڏهي، فرحان ٻٻر، امين وگهيو، غلام قادر لغاري، يونس سولنگي، محبوب ٻٻر ۽ ٻين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڦُر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ چوريون واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، مظاهرين موجب شهر اندر بدامني وڌي وئي آهي جنهن ڪري ڪوبه شهري محفوظ ناهي چورين ڦرن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، مظاهرين آءِ سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪيو وڃي.