جوھي (ن پ ا) جوھي ۾ هفتي کان واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي فراھمي معطل هئڻ ڪري شھري پاڻي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا. وارڊ چار جي رھواسين ڪامريڊ شوڪت  باھوٽو، امين لغاري ۽ ٻين معصوم ٻارڙن سميت هٿن ۾ خالي ٿانو کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شھرين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته گذريل هفتي کان جوهي شھر جي 8 وارڊن ۾  واٽر سپلاءِ پاڻي جي فراھمي بند آھي شھري سخت پريشان آھن پئسن عيوض پاني خريد ڪرڻ تي مجبور آھن,ميونسپل انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود سواءِ آسرن جي پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي ھنن مطالبو ڪندي چيو شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي.