واھي پانڌي (ن پ ا) جوھي جي سينئر صحافي شھمير گاڏھي جي ڀاءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جوھي سميت ڪاڇي جي پنج ڳوٺن تي ڇاپا ھڻي 15 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ڇهه ڏينھن اڳ دادو جوھي مين روڊ تي ھٿيار بندن امير بخش کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪيو هو جيڪو فوت ٿي ويو هو.