جوهي (ن پ ا ) جوهي تعلقي جي يونين ڪائونسل ٿرڙي جادو شھيد جي ڳوٺ گل ٻٻر ۾ سوين معصوم ٻارڙا چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن منصور ٻٻر ۽ ٻين رابطو ڪري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڳوٺ گل ٻٻر ۾ سوين معصوم ٻارڙا چمڙي جي بيماري ۾ ورتل آھن, معصوم نينگري مومل ڌي ذوالفقار ٻٻر,ضميران ڌي شھمير ٻٻر, ظھيران ڌي جبل خان, بلاول پٽ اسماعيل ٻٻر سميت ڪيترائي ٻارڙا چمڙي جي بيماري ۾ ورتل آھن ڳوٺاڻن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ گل ٻٻر ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي بيماري ۾ ورتل معصوم ٻارڙن جي علاج ڪئي وڃي.