جوهي(ن پ ا) جوهي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو ۽ عوامي فورم جي اڳواڻ سردار عاشق زئنور قربان کوکر غلام قادر لغاري۽ شهرين توڙي سياسي سماجي اڳواڻن  پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف ايريگشن گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رياض چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان پاڻي وڪرو ڪندڙن کي ڪڏهن برداشت نه ڪنداسين. درياءَ جو سودو ڪرڻ هرگز نه ڏينداسين. لکين سنڌي روڊن تي نڪتل آھن سنڌ دشمنن کي شڪست نصيب ٿيندي، هنن چيو ته سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ جي جياپي لاءِ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ انقلاب برپا ٿيو آهي. سنڌ جي عوام ۾ چور ڀاڳئي جي سڃاڻپ ڪري سجاڳ ٿي پئي آهي جنهن سبب اقتداري چورن جو ساھه مٺ ۾ آهي.