جوهي: (ن پ ا) ڏيتي ليتي ۾ بليڪ ميل ڪندڙ شخص خلاف ڳوٺاڻن پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ڳوٺ علي محمد مغيري واسي جمن مغيري، دادو واسي علي احمد زنئور جوهي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته غلام مصطفيٰ قمبراڻي ٻارن سميت احتجاج ڪندي اسان مٿان ڪوڙا الزام هنيا انهن ڳالهين ۾ صداقت ناهي غلام مصطفيٰ قمبراڻي سان ٽرالي جو سودو ڇھ لکن ۾ ٿيو هن صرف ساڍا ٽي لک ادا ڪيا بقايا پئسا رهيل آھن پئسا گهرڻ تي اسان مٿان ڪيس داخل ڪري ميڊيا جو سهارو وٺي ٻارن سميت احتجاج ڪندي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ رهيل پئسا ڦٻائڻ چاهي ٿو. هنن چيو ته اسان وٽ لکت دستاويز موجود آھي علي احمد زنئور چيو ته غلام مصطفيٰ قمبراڻي جي ٽرالي سودي ۾ منهنجو ڪوبه واسطو ناهي مان پلاٽ جو واپار ڪندو آھيان جمن مغيري سندس دوست آھي هن طرفان ٽرالي سودي جو شاهد آھيان هي مون مٿان الزام لڳائي مونکي بليڪ ميل ڪري مون مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي.