جوهي (ن پ ا) جوھي ۾ ٻوڏ واري صورتحال دوران جوهي رنگ بند تي ڪوريج دوران ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي ٽيم تي پوليس جي موجودگي ۾ تشدد ڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي بااثر ڪارڪن جي چوڻ تي ماڻهن واھي پانڌي جي رپورٽر عابد لاشاري جو ڳلو پڪڙي تشدد ڪيو ويو. حقيقت تي رپورٽنگ ڪرڻ تي حڪمران ڌرين جي ماڻھن ٽن ڏينھن کان مخصوص ٽيم رنگ بند تي ٽائيم نيوز، پنهنجي اخبار ٽيم جي رستا روڪ ڪري آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٽائيم نيوز واهي پانڌي جي رپورٽر عابد لاشاري ٻڌايو ته جوهي رنگ بند تي جوهي جي رپورٽر حاڪم لغاري، پنهنجي اخبار جوهي جي رپورٽر  منصور گاڏهي سان گڏ رنگ بند جي ڪوريج ڪرڻ دوران پيپلزپارٽي جي بااثر جيالي جي اشاري تي ماڻهن بند تي رش ڪرڻ جو بهانو ڄاڻائي، هلندڙ ريڪارڊنگ دوران  پوليس جي موجودگي ۾ تشدد ڪيو ويو.