جوهي ( ن پ ا) جوهي ۾ زرعي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن طرفان ڊاڪٽر منظور چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو ان ڏس ۾ آبادگار اڳواڻ منظور سولنگي, ميهر گاڏھي, امام علي رستماڻي ۽ ٻين مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊاڪٽر منظور چوڪ وٽ پهتا جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري فصل ته ڇا چوپايو مال به اڃ وگهي مري رهيو آھي سندن چوڻ آھي ته پندرهن ڏينهن کان آبادگار سراپاء احتجاج آھن آبپاشي کاتي جا ڪامورا نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آھن ھنن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوهي تعلقي جي پچڙي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو