جوهي (ن پ ا) جوهي تعلقي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي نه مليو آبادگارن جو زرعي پاڻي کوٽ خلاف سترهن ڏينهن کان احتجاج جو سلسلو جاري آھي, ان ڏس ۾ ميهر گاڏھي، گلشير رند، جهنڊو لغاري ۽ ٻين زرعي پاڻي کوٽ خلاف مخدوم بلاول پارڪ اڳيان جوهي دادو روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي آھي, ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جوهي تعلقي ۾ زرعي پاڻي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آھن فصل نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جو معاشي حالات خراب ٿي ويا آھن آبادگار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن سندن وڌيڪ چوڻ آھي ته زرعي پاڻي کوٽ جا زميوار آبپاشي کاتي جا ڪامورا آھن هٿرادو پاڻي جو کوٽ پيدا ڪري جوهي تعلقي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي هنن نگران حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوهي تعلقي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.