جوھي (ن پ ا ) جوھي لڳ ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد فقير لغاري م عورت بلقيس زال گل حسن لغاري مبينـ قتل ٿي ويئي آھي. واقعي جو حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آھي رابطو ڪرڻ تي پوليس موقف اختيار ڪيو آھي تـ مڙس گل حسن گولي ھڻي زال کي قتل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪريون ٿاـ عورت جي سھري محمد ۽ سندس زال امام زادي ڳوٺ سامھون قران پاڪ کڻي موقف اختيار ڪيو تـ بلقيس خدڪشي ڪئي آھي. قتل جو اطلاع ملڻ بعد عورت جي وارثن ۽ پوليس سندن گھرن تي چڙھائي ڪري چوپايو مال ٻـ موٽر سائيڪلون گھر جو الھ تلھ ٻھاري ويا آھن ـ رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي جوھي جي ريڊر ٻڌايو تـ واقعي جي جانچ ڪريون ٿا قتل يا خدڪشي جو واقعو آھي ڦلجي وليج پوليس ابتدا ئي رپورٽ م قتل ڄاڻايو آھي لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ لاء دادو منتقل ڪيو ويو آھي ـ لاش ڳوٺ مان پوسٽ مارٽم لاء دادو نيو پيو وڃي.