جوهي(ن پ ا) ڪاڇي جي پَٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ هئيروخان ۾ قائم صحت کاتي جي ڊسپينسري مان نامعلوم چور سولر پليٽون، پکا ۽ دوائون چوري ڪري ويا، ڊسپينسري ۾ مقرر ڊسپينسر عبدالعزيز لغاري جي مدعيت ۾ پٽ گل محمد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي، رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي پٽ گل محمد بهرام پهنور ٻڌايو ته ڊسپينسر جي فرياد تي اين سي داخل ڪري پوليس جاچ ڪري رهي آھي.