جوھي ( ن پ ا )جوھي لڳ واھي پانڌي روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ لوڊر رڪشا ۾ زر دار ٽڪر  ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ پي ماءُ ۽ ڌي سميت چار ماڻھو فوت ٿي ويا آھن، جڏھن ته معصوم ٻارڙن سميت 15 ماڻھو زخمي ٿي پيا، گذريل ڏينھن پورھيت خاندان ڪڻڪ جي لاباري جو پورھيو ڪري واپس گورک ھل اسٽيشن واري علائقي ڏانھن ويندي جوھي لڳ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنھن ۾ پورھيت ھزار خان بوزدار، سندس زال فاطما، معصوم ڌي نماڻي ۽ لوڊر ڊرائيور آذلان سولنگي شامل آهن  جنھن ۾ نينگري نماڻي نازڪ حالت ۾ سيوھڻ نيندي رستي تي فوت ٿي وئي، زخمين ۾ پٺاڻي نبابي، قربان ، ريشمان  ۽ ٻيا شامل آھن ،روڊ حادثي جو اطلاع ملڻ شرط شھري سماجي اڳواڻ حادثي واري ھنڌ پھچي سرڪاري ايمنولينس ذريعي کين جوھي اسپتال آندو ويو اسپتال م ايمرجنسي بنيادن تي زخمين کي علاج مھيا ڪيو ويو ۽ ۽ شھرين منصور گاڏھي مشتاق پنھور ۽ مھتاب  رضاڪار طور زخمي ٻاڙڙين لاءِ خدمتون انجام ڏنيون، فوتين جا لاش جوھي اسپتال مان سندن ڳوٺن ڏانھن روانا ڪيا ويا آھن  واقعي بابت حد جي پوليس موجب به حادثي جي مختلف رخن کان جانچ ڪري رھيا آھيون .