جوهي ( ن پ ا)جوهي ميونسپل ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان ست وارڊ وارڊ پيپلزپارٽي کٽي ورتا آهن، جڏھن ته پي ٽي آء اميداوار هڪ وارڊ ۾ ڪامياب ٿيو، ان ڏس ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ1 ۾ پ پ پ جي ڪائونسلر اميداوار جان محمد پهوڙ 500 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ٻي نمبر تي پي ٽي آء اميدوار حنيف لغاري 421 ووٽ کڻي هارائي ويو، وارڊ 2 پ پ پ اميدوار علڻ لغاري 699 ووٽ کڻي ڪاميابيماڻي، ايس يو پي جي غلام قادر لغاري 63 ووٽ کنيا. وارڊ3 ۾ پ پ پ اميدوار ظفرالله ڏاهري 320 ووث کڻي ڪامياب ٿيو، شھيد ڀٽو اميدوار هاشم کوسو 175 ووٽ کنيا.  اهڙي طرح وارڊ4 تي پ پ پ اميدوار مير مرتضي ٿهيم 360 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو،  آزاد اميدوار روشن باهوٽو 167 ووٽ کڻي سگھيو. وارڊ5  ۾ پ پ پ اميدوار عبدالوحيد جمالي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو هو. وارڊ 6 پ پ پ اميدوار شريف جمالي 597 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار عثمان جمالي 69 ووٽ کنيا. ميونسپل ڪاميٽي وارڊ7 پ پ پ اميدوار زاهد لاشاري 462 ووٽ کڻي ڪامياب، پي ٽي آء اميدوار تنوير رستماڻي 149 ووٽ کڻي هارائي ويو. وارڊ 8 پي ٽي آء اميدوار سانوڻ ٻٻر 470 ووٽ کڻي ڪاميابرهيو ۽  پ پ پ اميدوار غلام نبي ٻٻر 363 ووٽ کڻي هارائي ويو.