جوھي ( ن پ ا ) جوھي -کير موري مين روڊ تعمير نه ٿيڻ خلاف 35 ڳوٺن جي رھواسين علي بخش پنھور، امام الدين پنھور، حافظ عبدالرحيم، روشن ملاح، ممتاز  پنھور، گل بيگ ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو  ته2010 ۽ 2022 جي مھاٻوڏ م  35 ڳوٺن جي اچ وڃ لاءِ مين روڊ نئين سر تعمير ناھي ڪرايو ويو، جڏھن تـ مختلف وقتن تي روڊ جي تعمير لاءِ ٽينڊر به ٿيندا رھيا آھن، اھي سڀ ٽينڊر به غائب ڪيا ويا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري جوھي کير موري جو مين روڊ تعمير ڪرايو وڃي، ٻئي صورت م احتجاج جاري رھندو.