جوهي (ن پ ا ) جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثرين ڳوٺاڻن کي گهر تعميرات جو رقم جاري نه ٿيڻ تي يونين ڪائونسل ڪمال خان جي ڳوٺ پيربخش سولنگي، ميرڻ سولنگي جي رهواسين پاران هٿن ۾ پيپلزپارٽي جا جهنڊا کڻي انوکو احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثرين ڳوٺاڻ ماجد سولنگي، عبدالغفار سولنگي، رفيق احمد سولنگي ۽ ٻين هٿن ۾ پيپلزپارٽي جو جهنڊو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي هنن دانهيندي چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ گهر ڊھي پٽ پئجي ويا بي گهر ٿي ويا آھيون، ٽن سالن کان ڪنهن به سار نه لڌي آھي سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ خيمن ۾ رهڻ تي مجبور آھيون، اسان جي ڳوٺن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آھي، سرڪار طرفان گهرن جي تعميرات لاءِ روينيو کاتي مختلف ادارن سان ملي ڪري سروي ڪئي تنهن کانپوءِ سماجي اداري ٿرديپ جي حوالي ڪئي وئي سروي ڪرڻ باوجود به پئسا جاري نه ڪيا ويا آھن، هنن وس وارن کان واهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،