واهي پانڌي (ن پ ا) جوهي تعلقي جي سياست ۾ وڏي حيثيت رکندڙ لغاري خاندان مان گاجي خان لغاري ۽ احمد خان لغاري مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويا، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري، اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر بندھ علي لغاري ۽ ميونسپل جوهي جي چيئرمين علڻ خان لغاري جا چاچا گاجي خان لغاري ۽ احمد خان لغاري به پ پ ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي ڀائر مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻئي ڀائر گاجي خان ۽ احمد خان لغاري جوهي تعلقي ۾ وڏو سياسي اثر رسوخ رکن ٿا، ٻڌايو پيو وڃي ته خاندان ۾ اختلافن سبب گاجي خان ۽ احمد خان لغاري مسلم ليگ ن شامل ٿيا آهن.