سن (ن پ ا) ڪوهستان جي ٿاڻي بولاخان جي حد ۾  جونيئر باقر عرف پاشا خان ڪاپٽ واري علائقي ۾ هڪ سو کان وڌيڪ تترن جو شڪار ڪرڻ کانپوءِ تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏيون، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانون بڻايو پيو وڃي، پر ان باوجود به لاڳاپيل کاتي جي عملدار نوٽيس نه ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوهستان جي کيرٿر واري علائقي ۾ به عرب شهزادن سياري جي موسم ايندي ئي ناياب نسل جي جانورن ۽ پکين جي شڪارجي لاءِ مقامي بااثر ماڻهن جي ميزباني هيٺ خيما کوڙي ڇڏيا آهن، جيڪي ھتي ناياب نسل جي جانورن ۽ مھمان پکين جو شڪار ڪندا.