ڪراچي: آءِ جي سنڌ جي عهدي تي پاڻ کان جونيئر آفيسر جي مقرري تي احتجاج طور موڪلن تي ويل ۽ چارج ڇڏيندڙ آفيسرن پنهنجي دور ۾ پاڻ به سينارٽي لسٽ جو لحاظ نه ڪيو. جاويد عالم اوڍو ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هو ته ان وقت ڪراچي جي هڪ ٻن ضلعن ۾ جونيئر ايس ايس پي مقرر ٿيل هئا ۽ انهن جونيئر ايس ايس پيز جي ماتحت ايس پيز جي پوسٽن تي سينئر آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو هو. غلام نبي ميمڻ جي دور ۾ جونيئر آفيسر مختلف ضلعن ۾ ايس ايس پيز لڳل هئا، جڏهن ته  سينئر يا ته انهن جي ماتحت اسائنمينٽن تي مقرر هئا يا وري سائيڊ پوسٽن تي مقرر ٿيل هئا.