اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پهرين جولاءِ کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي مطالبي تي گئس جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس سومر جي ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ لاءِ پاور ڊويزن جي سمري آءِ ايم ايف سان شيئر ڪئي وئي آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته گئس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. پهرين جولاءِ کان گئس جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيڻ سان سوئي گئس ڪمپنيون 46 ارب روپين جو نقصان ڪري چڪيون آهن. ان حوالي سان ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جولاءِ کان سيپٽمبر تائين گئس ڪمپنين کي 46 ارب جو نقصان ريڪور ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. ورچوئل ڳالهين دوران آءِ ايم ايف اختيارين کي ناڻي واري وزير جي پرڏيهه  روانگي بابت ٻڌايو ويو. نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر بيلٽ اينڊ روڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ چين کان اڄ واپس پهچندي.