ممبئي (شوبز نيوز) فلم “جوان” جي غير معمولي ڪاميابي بعد شاهه رخ خان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مداح سندس گهر “منت” پهچي ويا، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ بالي ووڊ جي ميگا اسٽار شاهه رخ خان کي پنهنجي گهر جي بائونڊري وال سان گڏ بڻيل اسٽرڪچر تي بيٺل ڏسي سگهجي ٿو، شاهه رخ خان مداحن جي جذباتي نعرن جو جواب هٿ لوڏي، فلائنگ ڪس ڪري ۽ هٿ ٻڌي ڏنو، شاهه رخ خان پنهنجي مداحن کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ ٻانهون ڦهلائي پنهنجو مخصوص پوز به بڻايو، شاهه رخ خان جي فلم “جوان” هيل تائين ڀارت ۾ 400 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري چڪي آهي.