واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو فون تي رابطو، پاڪستان ۽ ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور، وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي وائيٽ هائوس جي لاڳيتو نظر آهي، آمريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، وزيراعظم شهباز شريف ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڀارت جي بنا جواز اڳراين تي پاڪستان جي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي جو حق رکي ٿو، آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم پاران هاڻوڪي صورتحال ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) ڀارتي جارحيت خلاف ڀرپور جوابي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جي فيصلن تي مڪمل عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ عسڪري قيادت، وفاقي وزيرن ۽ نواز ليگ صدر نواز شريف شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ هڪ پاڪستاني جي خون جو ڀارت کان حساب ورتو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هوڏانهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڀارتي اڳرائي بعد پاڪستاني ۽ ڀارتي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزري جو رابطو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي بابت صلاحڪارن جي دفترن وچ ۾ رابطو آهي، ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ هاٽ لائين ڪم ڪري رهي آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارت کي مناسب جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو، پاڪستان جي خلاف ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو معافي جوڳو ناهي، دفاع واري وزير خواجه آصف ڀارت سان مڪمل جنگ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ وڌائڻ نه ٿو چاهي پر ڀارت صورتحال وڌيڪ سنگين بڻائي رهيو آهي، پاڪستان جنگ لاءِ تيار آهي..