محترم اعجاز منگي پنھنجي تازي ڪالم “وقت جو وينٽيليٽر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي” لکيو آھي. جنھن ۾ ھن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ وينٽيليٽر يعني پوين پساھن م لکيو آھي ته “اڄ پيپلز پارٽي جو وجود سواليا نشان بڻجي ويو آھي. پارٽي جي جيڪا صرف سنڌ ۾ ترندي رھي آھي، اھا ٻيڙي ھاڻي ٻڏي رھي آھي. سنڌ پيپلز پارٽي کان پنھنجا پاند الڳ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪي آھي”. پاڻ ان جو مثال اھو ٿو ڏئي ته، “ٻار، ٻڍا، ۽ عورتون پيپلز پارٽي خلاف اھڙا ٻول ٻولڻ لڳا آھن، جيڪي پيپلز پارٽي جي تاريخي تباھي جو وڏو اعلان آھن. سنڌين پيپلز پارٽي جي غلامي جو طوق پنھنجي ڳچي مان اڇلائي ڇڏيو آھي”. ھو انھيءَ جو سبب صرف ھڪ سٽ ۾ ٻڌائي ٿو، “ڇاڪاڻ ته ھاڻي ھو پنھنجي درياءَ جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ ڪڏي پيا آھن. سنڌ ھاڻي ساڳي ناھي، سنڌ ھڪ بدليل سنڌ آھي….” (سندس وات ۾ گلاب).
سندس ڇپيل آرٽيڪل مطابق، جنھن پيپلز پارٽي جو خاتمو پنجاب مان بينظير ڀٽو جي سياست ۾ آصف علي زرداري جو ڪردار وڌڻ سان صفايو شروع ٿيو، ھاڻي سنڌ ۾ به خاتمي جي شروعات ٿي وئي آھي. جڏھن ته حقيقت ۾ 1988 کان پوءِ آصف زرداري جي بينظير جي زندگي ۾ اچڻ کان پوءِ بينظير پاڻ ٻه دفعا پنجاب مان کٽيل سيٽن تي وزيراعظم چونڊي وئي. جڏھن ته پيپلز پارٽي کي 1970 کان وٺي 8 دفعا اقتدار مليو آھي. 1070 کان 2024 تائين ملڪ ۾ 12 جنرل اليڪشنون ٿيون آھن، 11 چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون آھن. 1985 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جنرل ضياءُ الحق جي ڪرايل غير جماعتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو.
باوجود ان جي جو پيپلز پارٽي جا ڪٽر مخالف ڄام صادق علي، ممتاز علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام اسحاق خان، پرويز مشرف، نگران وزيراعليٰ، وزيراعظم ۽ ملڪ جا سربراھ رھيا، پر سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. 1990، 1997، 2002 جي چونڊن ۾ سنڌ مان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽون کٽڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ حڪومت ٺاھڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون. ھڪ ووٽ رکندڙن ڄام صادق علي، لياقت جتوئي، سيد مظفر شاھ، لياقت جتوئي، علي محمد مھر، غوث علي شاھ، ارباب رحيم کي سگهارن ادارن جي آشيرواد سان سنڌ جي مٿان مڙھيو ويو.
برصغير جي سياسي تاريخ ۾ ڪنھن به صوبي يا رياست ۾ سنڌ واحد صوبو آھي، جتان مسلسل 55 سالن کان عوام صرف ھڪ ئي پارٽي کي ڪامياب ڪندو رھيو آھي. ان پارٽي لاءِ اعجاز منگي لکي ٿو ته، ھاڻي اھا پيپلز پارٽي وينٽيليٽر تي آھي، جيڪا سنڌ جي سئو سالا سياسي تاريخ جي وڌ کان وڌ مقبول پارٽي رھندي پئي اچي. اھا به اڻٽر حقيقت آھي ته ھر ڪمال جو زوال آھي پر معروضي حالتن ۽ وقت سان گڏ پارٽيون، معاشرا، قيادتون تبديل ٿينديون رھنديون آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي کي ذوالفقارعلي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ھاڻي آصف علي زرداري توڙي بلاول ڀٽو ھلائيندا پيا اچن.
پاڪستان سياست ڪرڻ جي حوالي سان “ڏکيو ترين” ملڪ پئي رھيو آھي. ڪنھن به وزيراعظم کي پنج سال پورا حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي آھي، کين مارشلائن، عدالتي فيصلن جي ڪري نه رڳو ھٽايو پئي ويو آھي پر وزيراعظمن کي ڦاسي تي چاڙھڻ، قتل ڪرڻ، جلاوطن ڪرڻ، جيلن ۾ وجھڻ جو عمل اڄ به جاري آھي. اھڙين حالتن ۾ اقتدار کي بچائڻ، جمھوريت کي مضبوط ڪرڻ ھر حڪومت لاءِ چيلينج پئي رھيو آھي. يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي به اھڙن ڏکين مرحلن مان گذرندي پئي رھي آھي. ھاڻي به گذري رھي آھي. ان سان گڏ ھن ملڪ جي سياسي تاريخ جو اھو به معجزو آھي ته پيپلز پارٽي پنھنجي وجود کان وٺي سنڌ ۾ ھر اليڪشن ۾ ناقابل شڪست رھي آھي.
گذريل چئن اليڪشنن جي نتيجن جو جائزو وٺڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو ھر اليڪشن ۾ ڏھ جماعتي اتحاد، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، مسلم ليگ نواز، جمعيت علماءِ اسلام (فضل الرحمان) قوم پرست جماعتن گڏجي مقابلو ڪيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪنھن به جماعت سان اليڪشني اتحاد نه ڪيو آھي پر ھر اليڪشن ۾ ۽ خاص طور تي 2024 جي عام چونڊن ۾ تمام وڏي اڪثريت سان سيٽون کٽي سنڌ جي حڪومت ٺاھي آھي. جڏھن ته پيپلز پارٽي جي خاتمي، زرداري ليگ بنجي وڃڻ، سنڌين جي غلام ھجڻ، برياني جي پليٽ توڙي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ تي وڪامي وڃڻ جا طعنا، توڙي پيپلز پارٽي وينٽيليٽر تي آھي، ٻٽي نظام، 2010 ۽ 2022 جي ٻوڏن دوران سوين آرٽيڪل لکڻ، جن ۾ اھو به لکيو ويندو رھيو آھي ته سنڌي ھاڻي پيپلز پارٽي مان بيزار ٿي چڪا آھن. ھو ھاڻي ھن پارٽي کي ووٽ نه ڪندا. پر اليڪشني نتيجن کين مايوس ۽ رسوا ڪيو آھي.
اعجاز منگي صاحب جو ھي مضمون “وقت جو وينٽيليٽر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي” به ساڳئي سلسلي جي ھڪ شاندار تحرير آھي. پاڻ سياسي طور تي سرخو يعني کاٻي ڌر سان لاڳاپيل رھيو آھي، بلڪ ڪميونسٽ پارٽي ۾ به رھيو آھي. پاڻ ڪل وقتي صحافي آهي. اعجاز منگي صاحب ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رھيو آھي. پاڻ گھڻ پڙھيو ۽ پسند ڪيو ويندڙ ڪالمسٽ آھي، لفظن جو جادوگر آھي، سندس شاعرانا مضمون ڪجھ وقت لاءِ پڙھندڙن جي ذھن تي طاري ٿي ويندا آھن. ان سان گڏ ھڪ ئي وقت صحافي ۽ سياستدان به آھي. تنھنڪري صحافتي ٻولي (سبجيڪٽو) ڪالمسٽ معني ذاتي پسند ۽ خيالن وارو صحافي رھيو آھي. سالن کان وٺي سندس ڪالمن جا پسنديده موضوع پ پ عرف زرداري ليگ، پ پ شھيد ڀٽو، سنڌي عوام، تبديلي، متبادل، ڇھ ڪئنال وغيره رھيا آھن.
اعجاز منھنجو سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ھمعصر شاگرد به رھيو آھي، بلڪ مونکان ھڪ سال جونيئر رھيو ھو. پاڻ انھن ڏينھن ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ھڪ ڌڙي جو سرگرم اڳواڻ ھو. مون سان گڏ سنڌ يونيورسٽي، اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي ڪجھ ميٽنگس ۾ ڊي ايس ايف جي نمائندگي ڪندو ھو. مان سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) جي نمائندگي ڪندو ھوس. مون باقاعده صحافت جي شروعات فيبروري 1983 ۾ پنھنجي شھر سڪرنڊ مان آفتاب اخبار جي نمائندگي سان ڪئي. شروعات ۾ ئي ايم آر ڊي جي تحريڪ جي رپورٽنگ ڪرڻي پئي.
اعجاز منگي پنھنجي ھن ڪالم ۾ اردو جي نامياري صحافي حامد مير جي حوالي سان لکيو آھي ته ھو پيپلز پارٽي سان ذاتي ۽ سياسي حوالي سان قريب رھيو آھي ۽ ھن پنھنجيون پروفيشنل حدون اورانگهيون آھن. سندس چواڻي ته پاڪستان جا اڪثر صحافي ڪنھن نه ڪنھن پارٽي جي ڀري يا ڀاڪر ۾ رھيا آھن، واقعي اعجاز ڪيڏي نه شاندار ڳالھ لکي آھي. کيس آصف زرداري ۽ حامد مير جي قربت به پسند نه آھي. وري اھو به لکي ٿو ته پيپلز پارتي سنڌي صحافين کي ھارين وانگر ڊيل ڪري ٿي. ھاڻي اعجاز صاحب پاڻ ئي ٻڌائي ته صحافت ۾ پروفيشنلزم تي پاڻ ڪيترو لھي ٿو؟ ڇو ته پاڻ حامد مير تي تنقيد ڪري ٿو، پيپلز پارٽي سنڌي صحافين کي ھارين وانگر ھلائي ٿي، خبر ناھي پ پ وارن سنڌي صحافين جون ڪھڙيون خواھشون پوريون نه ڪيون آھن ۽ حامد مير جون ڪيون اٿن. کيس پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ پنجابي صحافين جي عزت ۽ اھميت تي به اعتراض اھي.
پروفيشنلزم جي ته اھا پھرين تقاضا آھي ته صحافت ڪجي يا ڪنھن پارٽي جو مرڪزي عھديدار رھجي، ھا ڪنھن پارٽي جو، ڪنھن نظرئي لاءِ ھمدردي ٿي سگهي ٿي جيڪا فطري ڳالھ آھي. اياز امير انگريزي جو ناميارو صحافي ۽ ڪالمسٽ رھيو اھي. پاڻ 2013 ۾ پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي ٽڪيٽ تان چڪوال مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان دوران ھن صحافت کي مڪمل طور تي خدا حافظ ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبه ڪالم نه لکيائين. ڪجھ وقت کان پوءِ سياست مان بيزار ٿي قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ مسلم ليگ جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ٻيھر ڊان اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين.ان کي ئي پروفيشنل يا (آبجيڪٽو) صحافت چئجي ٿو. سو اعجاز منگي جو ھي ڪالم به ڪئنالن کان شروع ٿي، پيپلز پارٽي جي سنڌ مان تڏا ويڙھ، حامد مير جي پ پ سان قربت جھڙين دلچسپ ۽ پڙھڻ جھڙن انڪشافن تي مشتمل آھي. پيپلز پارٽي وينٽيليٽر تي آھي يا سنڌ مان ختم ٿي وئي آھي، اھو اسان سنڌي صحافين جو پسنديده بيانيو آھي، جيڪو گھٽ ۾ گهٽ ۾ 2013 جي چونڊن کان وٺي 2024 جي چونڊن تائين گهڻو لکيو ۽ پڙھيو ويندڙ گٺل پيٺل بيانيو آھي، جيڪو صحافين سان گڏ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالفن پاران ھلندڙ آھي پر سنڌي عوام يعني ووٽرن ھر اليڪشن ۾ پنھنجي پسند جو فيصلو ڏئي گهڻن جي خواھشن تي پاڻي ڦيريو ڇڏي.