ٺل (ن پ ا) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج پل وٽ ھڪ سال اڳ ڦر دوران قتل ٿي ويل حافظ معظم نوناري جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ريلي ڪڍي رهبر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن محمد رحيم نوناري،فيض محمد نوناري ۽ ٻين چيو ته سال اڳ ڦر جي واردات دوران حافظ معظم نوناري کي قتل ڪيو ويو هو، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، معاملي جي جاچ  ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.