نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان موريا – آگاڻي خوني تڪرار تان هڪ ڏينهن اڳ مارجي ويل نوجوان همٿ موريو جو لاش سکر _لاڙڪاڻو روڊ تي ڀرچونڊ ڳوٺ وٽ رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ محمد پيرل، حبيب الله، محمد ادريس، امير علي، محمد رمضان، رضوان علي، محمد علي موريو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته آگاڻي ڌر جا ماڻهو مختلف وقتن تي اسان مٿان حملا ڪري اسان جا 4 ماڻهون قتل ڪري ڇڏيا ۽ 4 زخمي ڪيا آهن،  اسان کي زمينن تي ڪم ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي،  اسان جو نوجوان واپاري هو جنهن آگاڻي برادري جي هٿياربندن بيگناھ قتل ڪيو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف مظاهرين جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومرو جي گاڏي کي روڪيو ته جي يو آءِ اڳواڻ يڪجهتي طور احتجاج  ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مان پنهنجي شهيد والد جي ڪيس جي حاضري تان واپس اچي رهيو آهيان ڌرڻو ڏسي يڪجهتي طور احتجاج ۾ شريڪ ٿيس. مان مقتول جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. هوڏانهن ڌرڻي جي ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس نئون ديرو ۽ ايس ايچ او نئون ديرو مظاهرين وٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.