لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد ممتاز ڪالوني جي رهواسين 3 هفتا اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿي ويل خانگي چوڪيدار وزير علي جانوري جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت امير علي جانوري پنهنجي ڀائيٽي علي حسن، مقتول جي ٻارن واجب حسين، وقار حسين، ڪومل بتول سان گڏجي دانهدي چيو ته اسان اصل تعلقي ميروخان جي ڳوٺ تيجو خان جانوري جا رهواسي آهيون، 8 سال اڳ ڳوٺ مان لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ ممتاز ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳائيندي چيو ته گذريل 6 جون تي شير محمد پنهنجي پيءُ رجب، چاچي حبدار، مامي گلبهار سان گڏجي ڀاءُ وزير علي جانوري کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو جنهن واقعي جو ڪيس مون حد جي الھه آباد ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان داخل ڪرايو جنهن تي پوليس 2 جوابدارن رجب ۽ حبدار کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو پر پوليس بعد ۾ هٿيار ظاهر نه ڪيا ۽ نه ئي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي ويتر مک جوابدار واقعي بعد شير محمد ۽ گلبهار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن مان اسان کي جاني توڙي مالي نقصان جو خدشو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.