لاهور(م ڊ) عمران خان تي قاتلاڻي حملي واري ڪيس ۾ جوابدار نويد جي وڪيل الزام لڳايو آهي ته جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ طرفان جوابدارن ۽ سندس خاندان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ميان دائود ايڊووڪيٽ چيو ته نويد جي فيملي موجب کيس پوليس حراست ۾ جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ  ٻن اڻڄاتل ماڻهن کي ٻه ڀيرا نويد جي گهر موڪليو، منهنجي اصيل جي گهرڀاتين تي زوري نئين وڪالت نامي تي صحيح ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. ميان دائود ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته ٻئي ڄڻا پنهنجا نالا ۽ نمبر به نويد جي فيملي کي ڏئي ويا آهن، ممڪن آهي ته جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ نويد جي گهرڀاتين کي گم ڪري ڇڏين، نويد جي فيملي موجب جي آءِ ٽي وارا اڳ ۾ به اهڙا قدم کڻي چڪا آهن. هن چيف جسٽس کان درخواست ڪئي ته جوابدار نويد ۽ سندس خاندان تي دٻاءُ جو نوٽيس ورتو وڃي.