رستم (ن پ ا) رستم لڳ ڳوٺ ڊرٻ ٽانوري واسي دلشاد ٽانوري عورت مريم ٽانوري ۽ ٻين دانھون ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار سئوٽ حليم ٽانوري ۽ سعيد احمد ٽانوري سندن ذھني معذور نوجوان ارشاد احمد ٽانوري جا ويري بڻجي ويا آھن، اسان جي زرعي زمين تي مبينا قبضو ڪرڻ لاءِ کيس بيگناھ قتل ڪرڻ گھرن ٿا، نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.