حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايچ آر سي پي جي ميزباني ۾ جڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ ڀرپور رواداري مارچ ڪرڻ، مارچ کان اڳ 23 نومبر جي رات جو مشعل بردار ريلي ڪڍڻ ۽ 20 نومبر تي ڀٽ ڌڻي جي درگاھ ۽ شيخ اياز جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌو تي ڌاڙن ۽ 6 ڪئنالن جي اڏاوت خلاف به ڀرپور جدوجهد جو فيصلو ڪيو ويو. ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميزباني هيٺ مختلف سماجي تنظيمن پاران جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو هڪ اجلاس ايچ آر سي پي جي ريجنل آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايچ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته سنڌ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانھين قتل جي خلاف آهي ۽ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۽ سندس لاش جي تذليل ڪري ساڙڻ واري عمل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جو وجود کي ميسارڻ لاءِ سنڌو درياھه جو پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ منصوبا جوڙيا ويا آهن. سنڌ، سنڌو درياهه ۽ ماحوليات دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. اديب تاج جويو چيو ته رواداري مارچ ۾ سنڌ جو سيڪيولر روح شامل آهي. اسين سڀ ان مارچ ۾ شامل هونداسين. هن چيو ته 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد پنھنجي تقرير ۾ مذھبي انتھاپسندي جي نشاندھي ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو هو ۽ اڄ اھا ڳالھ ثابت ٿي آھي ته سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي پاڻي ماھر سنڌ جي رھنمائي ڪن. اسان درياهه ۾ گل ڇٽي لطيف سائين وٽ دانهين ٿينداسين. هن سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته هو 23 نومبر تي حيدرآباد رواداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته اسين لطيف جي فڪر جا پوئلڳ آھيون. سماج بنياد پرستن ۽ ترقي پسندن جي ٻن الڳ ڌارائن ۾ ورھايل آھي. بنياد پرست سنڌ کي بربادي ڏانهن وٺي وڃڻ واري رستي تي هلندڙ آهن. اسين سنڌو درياهه کي بچائڻ ۽ امن توڙي رواداري لاءِ نڪتا آھيون. ليکڪه امر سنڌو چيو ته سنڌ جو سيڪيولر وجود خطري ۾ آھي. اسين سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪنداسين. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليه بخشل چيو ته مرڪز ۽ صوبي ۾ اقتدار ۾ ويٺل پارٽيون اقتدار جي ڇڏڻ ۽ وٺڻ ۾ پوريون آھن. رياست بنياد پرستن کي سگھه ڏئي رھي آھي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿاھين قتل کي سنڌ جي شعور امتحان سمجھيو ۽ ان خلاف مزاحمت ڪئي. اسان کي پنھنجن نسلن کي بچائڻ لاءِ عوامي جدوجھد ڪرڻي پوندي. ڊاڪٽر بختاور ڄام چيو ته سنڌ جي مزاحمت بنياد پرستن ۽ رجعت پرستن جي پکڙيل خوف کي ٽوڙي ڇڏيو آھي. سنڌو درياهه سان اسان جي زندگي جڙيل آھي ان ڪري سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏنا ويندا. اسان  کي امن، رواداري ۽ درياهه بچائڻ لاءِ ننڍيون نظرياتي سرحدون لتاڙي اڳتي وڌڻ گھرجي. سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر چنا چيو ته ھڪ طرف رجعت پرست ته ٻئي طرف ترقي پسند آھن. رياست ۽ حڪومت بنياد پرستن ۽ رجعت پرستن کي مضبوط ڪري رھي آھي. سنڌ جا ماڻهو 6 ڪئنال ته ڇا پر ھڪ ڪيوسڪ پاڻي جي چوري خلاف به مزاحمت ڪندا. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح چيو ته سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي ڌرتي آھي ۽ پنهنجو حق چاهي ٿي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانھين قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. اسان آئين ۽ قانون تحت عدالت کان مٿانھين قتل ڪيس ۾ انصاف چاھيون ٿا. ايچ يو جي، جي اڳواڻ جاني خاصخيلي چيو ته سنڌ بدترين دور مان گذري رھي آھي. سنڌ جي وجود تي گھڻ طرفه حملا ٿي رھيا آھن. مذھبي انتھاپسندي ۽ دھشتگردي جي باھ ٻاري وئي آھي. ھاڻي ھن سماج ۾ ماڻھن لاءِ ساھ کڻڻ مشڪل بڻجي ويو آھي. ان موقعي تي ايچ آر سي پي جي اڳواڻ ڊاڪٽر خوشحال داس ڪلاڻي، وڪيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد، پروفيسر صائمه جعفري، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر نظر ڀاڳت، محسن جويو، عبدالرسول ميمڻ، درشن، سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري ۽ ٻين به ويچار ونڊيا ۽ واضح ڪيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏنا ويندا ۽ نه ئي وري سنڌ ۾ انتهاپسندي کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويندو.