ڀٽ شاھه(ن پ ا) آل سنڌ ميوزڪ ٽيچر پاران 24 اپريل تي ڀٽ شاھ جي نگري ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽائي جي مزار تي دانهن ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آل سنڌ ميوزڪ ٽيچر جي فنڪار اڳواڻن ڪامران علي چانڊيو ، بادشاه بوزدار، دادن لطيف چانڊيو، عطاء الله بالادي ۽ ٻين ڀٽ شاھ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اسان سان گذريل اڍائي سالن کان زيادتي ٿي رهي آهي 24 اپريل خميس تي شام جو 4 بجي ڀٽ شاھ جي نگري ۾ سموري سنڌ جي فنڪارن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽائي جي مزار تي پھچي دانهن ڏينداسين، هنن چيو ته صوبائي وزير سيد سردار شاھ اسان کي اڍائي سال اڳ ۾ آفر ليٽر ڏنا، ميڊيڪل ٿي وئي، هن وقت 3 سال ٿي رهيا آهن اسان کي اڃان تائين جوائننگ نٿي ملي، اسان مختلف وقتن تي احتجاج به ڪيا آهن حيدرآباد، ڪراچي، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻٻرلوء بائي پاس تي ڌرڻي ۾ پهچي به احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ڀٽ شاھ جي نگري ۾ پر امن احتجاج ڪنداسين، جنهن ۾ مانجھي فقير، اختيار خشڪ ۽ ٻيا سنڌ جا نالي وارا فنڪار به گڏ هوندا، ٻئي پاسي آل سنڌ ميوزڪ ٽيچر جي اڳواڻن پاران ڀٽ شاهه ۾ صحافي ۽ فنڪار برادري سميت هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس جي مرڪزي چيئرمين رانا غلام نبي راجپوت وٽ آفيس ۾ پهچي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني،