ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فنڪارن جي تنظيم آسا ميوزڪ ٽيچرز کي جوائننگ نه ڏيڻ خلاف ڳائي وڄائي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن کي استاد عبدالغفور سومرو، بشير سولنگي، شبير لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم کاتي پاران 319 ميوزڪ ٽيچرز کي ٻن سالن کان مختلف بهانا ڄاڻائي جوائننگ نه پئي ڏني وڃي. هنن چيو ته ميوزڪ ٽيچرز کي جوائئنگ ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.