جهڏو(ن پ ا) جهڏو لڳ ڳوٺ رمضان خشڪ جي رهواسي نوجوان سجاد خشڪ ۽ سندس گهرواري افشان ڀٽي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان ٻه هفتا اڳ پنهنجي پسند سان ڪراچي جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي افشان ڀٽي ٻڌايو ته شادي کان پوءِ سندس والد شاهد ڀٽي ۽ ٻيا منهنجي مڙس مٿان عدالت ۾ ڪوڙيون درخواستون داخل ڪري اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن هن چيو ته آئون بالغ آهيان منهنجي مائٽن مونکي هڪ پوڙهي سان پرڻائڻ چاهيو پي مون خوشي سان سجاد خشڪ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي هاڻي منهنجا مائٽ منهنجي عمر جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ٺهرائي اسان کي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن هن چيو ته منهنجا ماءُ پيءُ منهنجي مڙس ۽ سهري کان 10 لک رپيا گهرن پيا نه ڏيڻ تان اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي اسان کي هنن مان سخت جاني نقصان جو خدشو آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.