جهڏو(ن پ ا) جهڏو ۾ مبينا موٽرسائيڪل چور سوگهو، پوليس حوالي خبر موجب جهڏو مال پڙي مان واپاري فخر الدين چانڊيو جي موٽر سائيڪل کي چور چوري ڪري فرار ٿي ويو، جنهن جو ڀاڳين ۽ ڳوٺاڻن پيڇو ڪري جوابدار کي گهگهه موري ويجهو پڪڙي جهڏو پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ته جوابدار جي سڃاڻپ عالم پٽ غلام رسول پهوڙ طور ٿي آهي، جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.