جهڏو(ن پ ا) جهڏو اسٽيشن روڊ تي مولانا ويلڊنگ جي دڪان اندر گيس ويلڊنگ ڪندي گيس سلينڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن سبب دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ٻه مستري شهروز ۽ اعجاز کوکر سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور جهڏو آر ايچ سي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران کين ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.