جهڏو(ن پ ا) جهڏو ۾ دڪانن مان ٿيندڙ چورين خلاف جماعت اسلامي پاران ٽائون ڪاميٽي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جماعت اسلامي جهڏو جي اڳواڻن ۽ شهرين اظهر جميل آرائين، شمشاد قائمخاني، عمر خان ۽ ٻين گڏجي ٽائون ڪاميٽي جهڏو اڳيان مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته جهڏو شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي گذريل مهيني دوران نامعلوم چور شهر ۾ ڪافي دڪانن مان چوريون ڪري فرار ٿي ويا آهن پر جهڏو پوليس چورن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري جنهن سبب شهري سخت پريشان بڻيل آهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چورن خلاف ڪاروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.