جهڏو(ن پ ا) جهڏو بگي مائنر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج، ايف او بگي مائنر جي آبادگارن اياز کوسو، جليل انڙ، غلام رسول کوسو، اياز رضوي، نياز کوسو ۽ ٻين گڏجي بگي مائنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو 15 ڊسمبر تي سالياني وارابندي ڄاڻائي بگي مائنر کي بند ڪيو ويو، جنهن بعد ٻن مهينن بعد بگي مائنر ۾ فقط هڪ ڏينهن پاڻي فراهم ڪري ٻيهر پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته آبپاشي عملي اسان جي حصي جو پاڻي منڊ جي زميندارن کي ڏئي اسان جو پاڻي بند ڪيو آهي، جنهن سبب اسان جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور بگي مائنر ۾ پاڻي فراهم ڪري نااهل ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.