جهڏو (رپورٽ: سريش ڪمار) جھڏو جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مين روڊ تي لڳاتار ٻئي ڏينهن به مسلسل 40 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي، ٽيل آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن بگي مائنر جي اڳواڻن اياز کوسو، جليل انڙ، مير ڪامران، جاني ڪمبوهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن پاران مٺي ميرپورخاص مين روڊ تي گذريل ڏينهن کان لڳل ڌرڻو، ٻئي ڏينهن به جاري آهي، رات آبادگارن روڊ تي ڌرڻي ۾ سمهي گذاري، ڌرڻي سبب روڊ مڪمل طور بلاڪ آهي، مٺي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، بدين ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳل آهن، جڏهن ته ڌرڻي ۾ آبادگارن هارين شهرين جو وڏو انگ موجود آهي آبادگارن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اسان کي ڳالهين لاءِ ڊگهڙي ايريگيشن آفيس ۾ گهرايو هو، جنهن ۾ هن اسان کي فقط ٻه ڏينهن پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪو اسان قبول نه ڪئي بگي مائنر جي آبادگارن سان ڊائريڪٽر ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسان جي هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه ملڻ ڪري غيرآباد پيل آهي زميندار هاري بيروزگار ٿي سخت معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، اسان کي پيئڻ جو پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي هنن چيو ته منصور ميمڻ جڏهن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال هو ته نارا ڪئنال ۾ 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ تي به فقط هڪ هفتي جي وارابندي بعد اسان کي پاڻي ملندو هو هن وقت نارا ڪئنال ۾ 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي پيو پر اسان گذريل پنج مهينن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهيون هنن چيو ته اسان اڄ جهڏو سامارو روڊ ۽ جهڏو ٽنڊو باگو روڊ تي به رڪاوٽون وجهي روڊ بند ڪري ڇڏيا آهن اسان پنهنجو حق وٺي پوءِ ڌرڻو ختم ڪنداسين هنن مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال انجنيئر جمڙائو ڪئنال کي فوري طور هٽايو وڃي جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پوري گيج مطابق پاڻي جي ريگيولر فراهمي جاري ڪئي وڃي اسان جا مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.