جهڏو(ن پ ا) جهڏو پوليس جي ڪارروائي ريل جي چوري ٿيل پٽڙين سان ڀريل مزدا هٿ ڊرائيور  گرفتار، 3 ڄڻن تي ڪيس داخل، خبر موجب جهڏو پوليس ڳجهي اطلاع تي سلور موري ويجهو مزدا گاڏي نمبر TKD821 کي روڪي تلاشي ورتي ان ۾ ريل جون پٽڙيون ڀريل هيون، سرڪاري لوهه چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ پوليس مزدا ڊرائيور غلام رسول کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، جنهن بعد جهڏو پوليس پاران سرڪاري فرياد تي 3 ڄڻن ڪامران گوندل، رضوان راجپوت ۽ ڄاڻايل ڊرائيور تي سرڪاري لوهه چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.