نفيس نگر(ن پ ا) جهڏي تعلقي ۾ مهانگائي غريب عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون، تعلقي جي مختلف شهرن نئون ڪوٽ، جهڏو، نفيس نگر، روشن آباد ۽ ٻين هنڌن تي ڏينهون ڏينهن مهانگائي سبب عام واهپي وارين شين جا اگهه ٻيڻا ٿيڻ سبب پورهيتن ۽ مزدورن کان عيد جون خوشيون به وسري ويون، ڄاڻايل علائقن ۾ اٽو 2350 رپيا في مڻ، کنڊ 105رپيا ڪلو، گيهه 280 رپيا، چانور ايري 70 رپيا ڪلو، مرغي جو گوشت 540 رپيا ڪلو ۽ دالن جي ريٽ ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو پيدا ٿيڻ بعد ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان ٿي ويا. ان حوالي سان پورهيتن غريب نواز ٽنگڙي، ياسين گشڪوري، علي گوهر بلاول ۽ ٻين ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا ڦهلجڻ، لاڪ ڊائون جاري رهڻ ۽ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌڻ سبب پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي اهڙي صورتحال سبب هيل سال عيد جون خوشيون به اسان کان وسري ويون آهن سنڌ حڪومت ۽ چونڍيل نمائندا نوٽيس وٺي اسان غريبن جي مدد ڪن.