جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي دڪان مان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي فائرنگ ۾ دڪاندار ۽ سندس ملازم گوليون لڳڻ سبب زخمي، جهڏو جي قائم خاني چوڪ وٽ ڪنفشنري جي دڪان مان موٽر سائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم هٿياربندن دڪان مان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي دڪاندار وسيم آرائين ۽ سندس ملازم سئوٽ عمران آرائين پاران ڦورن سان مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ٻنهي ڄڻن کي ٽنگن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو ۽ ٻنهي ڄڻن جا موبائيل فون کڻي فرار ٿي ويا، جنهن بعد زخمين کي فوري طور جهڏو آر ايچ سي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ٻئي طرف جهڏو پوليس موجب ته سي سي ٽي وي ڪيمرا ۾ ڦورن جا فٽيجز هٿ اچي ويا آهن.