جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پيپلز ڊاڪٽرز فورم جي ٽيم پاران روشن آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جتي جنرل فزيشن، چائلڊ اسپيشلسٽ، گائناڪولوجسٽ، اسڪن اسپيشلسٽ، ڪارڊيولاجي ۽ ٻين بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن هزارين مريضن جو معائنو ڪيو ۽ کين مفت دوائون ڏنيون، ان موقعي تي اهتمام ڪندڙن پيپلز ڊاڪٽر فورم سنڌ جي نائب صدر ڊاڪٽر خير محمد ناريجو، ڊاڪٽر اسد، ڊاڪٽر جئي ڪمار، ڊاڪٽر مختيار، ڊاڪٽر انس ۽ ٻين چيو ته جهڏو جي ٻوڏ متاثر ٿيل علائقي روشن آباد ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪرڻ جو مقصد متاثرن کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ هو، هنن چيو ته هتي متاثرن ۾ اسڪن ۽ گائني جو مسئلو وڌيڪ آهي، ان سان گڏ ٻارن جي نيوٽريشن جا ڪافي ڪيس مليا آهن، هنن چيو ته خاص ڪري ٻارڙن لاءِ کير کڻي هتي آيا آهيون، جيڪو متاثرن ۾ ورهايو آهي، هنن چيو ته مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي جون بيماريون عام ٿي ويون آهن، جنهن ۾ هزارين ماڻهو مبتلا ٿيل آهن، جن کي دوائون ڏنيون آهن.