اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جهيڙو ملڪ جي محلن ۽ گهٽين تائين پهچي چڪو آهي، اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪري، پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو  ته ملڪ جون حالتون ڳڻتي جوڳيون آھن صورتحال ڳنڀير آھي پاڪستان جا ادارا عظيم ادارا آھن ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪو ٻيو حل نه آھي منحرف ميمبر ان قابل نه رهيا آھن جو اهي علائقن ۾ وڃي سگهن اهي قوم جي ڪهڙي ترجماني ڪندا آئين جي آرٽيڪل 94 ۾ واضح آھي ته بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ باوجود وزير اعظم عهدي تي برقرار رهندو صدر جي اختيارن تحت ڪيترا ڏينهن وزير اعظم عهدي تي 8 يا 10 ڏينهن رهندو آئين خاموش آھي ملڪ جي هر ڪلاڪ ۾ سياست تبديل ٿيندي هن ملڪ جي بدنصيبي آھي ٻنهي پي پٽن تي 18 فيبروري تي 16 ارب رپين جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي اهي چور ۽ ڌاڙيل هڪ مرڪز ۽ هي صوبي ۾ اميدوار آھن  اپوزيشن ڦاسي پئي آھي عمران خان مقبول ٿي ويو آھي توڙي جو اسان به وڏيون غلطيون ڪيون آھن پر مخالف ڌر وارن جا ماڻهو چهرا نٿا ڏسڻ گهرن آصف زرداري کي صوبي ۾ لٽ ڦر جو ماهوار ڀتو کيس ملندو آھي ڇا ادارن کي معلوم نه آھي ته آصف زرداري کي ڪير ڪير ڀتو پهچائيندا آھن 172 ميمبرن مان 30 چاليهه ميمبر پنهنجن علائقن ۾ نٿا وڃي سگهن هن چيو ته چار رستا آھن، مان ادارن کي سڌي ريت درخواست ڪرڻ چاهيان ٿو ته ملڪ جي سلامتي جو سوال پيدا ٿي ويو آهي، جهيڙو گهٽين ۽ محلن ۾ پهچي ويو آهي، جنهن کي ملڪ برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ هي پاڻ ۾ گڏ به نه ٿا رهي سگهن، ڇا مقصود چپڙاسي وارا هن ملڪ کي هلائيندا، جن تي 16- 16 ارب رپين جا ڪيس آهن، هنن خلاف سياسي جنگ جو اعلان ڪريان ٿو، قانون وزارت فواد چوڌري وٽ آهي، مون کي هنن مٿان سازش ڪرڻ تي غداري جو ڪيس موڪلي، ان وقت ئي صحيح ڪري ڇڏيندس، مان پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان.