جھوڪ شريف (ن پ ا) جهوڪ شريف ۾ قومي ڪٺ، ڪئنالن خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق خبر موجب جسقم بشير خان قريشي پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي صدارت ۾ درگاهه صوفي شاهه عنايت شهيد جي احاطي ۾ قومي ڪٺ منعقد ٿيو، جنهن پاڻي ماهر اوڀايو خشڪ، پنهل ساريو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جن خيالن جي پرچار بعد تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ جدجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان جو اڄ ھي صوفي شاهه عنايت شهيد تي ٻيو ڪٺ آھي، جسقم بشير خان سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف مڪمل طور جدوجهد ۾ آھي، مرڪزي اڳواڻ پنھل ساريو چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد سنڌ جو کاهوڙي ڪردار ھو، جنهن وقت جي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ شھادت ماڻي، قائم ڏاهري چيو ته شاھه لطيف ڀٽائي کانپوءِ شاھ عنايت تي قومي ڪٺ گهرايو ويو آھي، جڏهن ته پاڻي ماهر اوڀايو خشڪ چيو ته اگر اسان مڙسي نه ڪئي ته درياهه تي ڌاڙي کانپوءِ ڊيلٽا مڪمل طور تباھه ٿي ويندي، پاڻي اسان جو جيون ۽ جياپو آھي اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه بچائڻو پوندو