عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)جھونو سياستدان چوٿين مارچ جو ھيرو اڳوڻو وفاقي وزير ۽ موجوده پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر 82 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي لاڏاڻو ڪري ويو نواب محمد يوسف ٽالپر عمرڪوٽ واري اڪيلي قومي اسيمبلي سيٽ تان پ پ جو ڪيئي ڀيرا ايم اين اي چونڊجندو رھيو آھي پ پ دور ۾ زراعت جو وفاقي وزير رھيو سنڌ جي پاڻي ۽ زارعت بابت وڏي ڄاڻ حاصل ھئي ارسا ائڪٽ ۽ اين ايف سي معاملن تي کيس عبور حاصل رھيو پ پ جي سي اي سي ڪميٽي جو ميمبر رھيو مخدوم شاھ محمود قريشي کي به عمرڪوٽ مان شڪست ڏئي چڪو آھي ايم آر ڊي تحريڪ ۽ چوٿين مارچ جي ھيري طور مشھور ھيو کيس سخاوت ۽ انسان دوستي جي ڪري ناري پٽ جي نوابن ۾ شمار ڪرڻ سان گڏ عام ماڻھو کيس سنڌ جو ڪلاسيڪل پارليامينٽرين پڻ چوندو ھيو کيس سنڌي انگريزي ۽ اردو زبانن تي پڻ عبور حاصل ھو کيس اولاد ۾ ٻه پٽ نواب يونس ٽالپر ۽ نواب تيمور ٽالپر آھن نواب تيمور ٽالپر ايم پي اي ۽ صوبائي وزير رھيو آھي جڏھن ته سندس وڏو پٽ نواب يونس ٽالپر ضلعي وائيس چئرمين ميرپورخاص رھي چڪو آھي نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز مانجھاڪر اباڻي ڳوٺ ۾ اڄ جمعي نماز بعد ادا ڪئي ويندي