جهول(رپورٽ: ممتاز شر) جهول ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر سنيل ڪمار سچديوو جي شھر جي هڪ 16 سالا نينگر اظھار کرل سان نازيبا حرڪتن واري پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڊاڪٽر نينگر سان نازيبا حرڪتون ڪندي نظر اچي رهيو آهي، اھڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊاڪٽر پنهنجي ڪلينڪ ڇڏي نامعلوم ھنڌ فرار ٿي ويو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته وڊيو پراڻي آهي، جنهن بابت نينگر جا وارث، پوليس ۽ ٻيا وچ وارا ماڻهو بليڪ ميل ڪري ڊاڪٽر کان لکين رپيا اوڳاڙي چڪا آهن، ذريعن موجب تازو جھول پوليس واعدو ڪري ڊاڪٽر پاران پورا پئسا نه ڏيڻ تان اها وڊيو وائرل هٿ وٺي ڪرائي آھي، ان حوالي سان الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس انتھائي بيدردي سان ڦاسائي ساڻس ظلم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته مختلف حيلن بھانن سان وڏي عرصي کان لٽيو ڦريو پيو وڃي، هن چيو ته هو عزت وارو ماڻهو آهي، انسان کان غلطيون ٿينديون رهنديون آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري لٽيو ۽ ڦريو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته سموري معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.