جهول(ن پ ا) جهول ۾ شاھو شاخ، ڀڙو شاخ، ٿھيم شاخ ۽ ٽيل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن گذريل 5 مھينن کان پاڻي نه اچڻ خلاف سانگهڙ حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي علي حسن ڪيريو ، ربنواز ڪيريو، ڪرم ڪيريو، محسن ھنڱورو،  شاھه جھان ملوڪاڻي، قادر ملوڪاڻي ۽ ٻين چيو ته شاھو شاخ جي پڇڙي ۽ ان مان نڪرندڙ ٽن شاخن ڀڙو شاخ، ٿھيم شاخ ۽ ٽيل شاخ سميت 4 شاخن جي پڇڙي ۾ گذريل 5 مھينن کان پاڻي ناهي آيو، جنهن ڪري علائقي ۾ سوڪهڙي جهڙي صورتحال آهي، هنن چيو ته پاڻي وهي ٿو ته اهو پڇڙي جي آبادگارن وٽ پھچي ئي نٿو، جنھن جو ذميوار نارا ڪئنال جو ڊائريڪٽر ۽ 8 ميل جو داروغو آھن، جيڪي منڍ جي زميندارن کان رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪن ٿا، منڍ جي واٽر ڪورسن جا ماڊول ٽٽل آھن ۽ منڍ جا زميندار شاخن ۾ پکا ھڻي ٽريڪٽرن وسيلي پاڻي کڻي وڃن ٿا، هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ سبب وونئڻن جو فصل پوکي ناهيون سگهيا، جڏهن ته مال متاع جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناھي، هنن فوري پڇڙي ۾ پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي، بعد ۾ ڊي ايس پي ڄام نواز علي ۽ آبپاشي عملدارن جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.