جهول(ن پ ا) سنڌ حڪومت پاران جهول شهر ۾ رمضان شريف ۾ سستي اگهه تي کنڊ وڪرو ڪرڻ لاءِ ستن ڏينهن کان لڳايل ڪيمپ تي ڪير به نه پهتو، شهري ڪيمپ تي مزاحيه ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لڳا آهن، شهر اندر کنڊ 180 رپيا ڪلو وڪامجي رهي آهي، سنڌ حڪومت سانگهڙ شگر مل جي تعاون سان ضلعي اندر مختلف شهرن ۾ سستي اگهه تي کنڊ وڪرو ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو، جهول ۾ستن ڏينهن کان لڳل اسٽال تي هن وقت تائين ڪير به ناهي پهتو ۽ نه ئي شهرين کي سستي اگهه تي کنڊ ملي رهي آهي، شهري علي محمد ٻڌايو ته شگر مل وارا ٻه ڪٽا کڻي آيا هيا ۽ فوٽو سيشن ڪري ڪٽا واپس کڻي ويا، جڏهن ته جهول شهر ۾ کنڊ 180 رپيا ڪلو وڪامي رهي آهي، ڪٿي به سستي کنڊ نه پئي ملي.