جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول ۾نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ بلوچ ڪلب ڪلر شاخ بلو ڪلب نوابشاهه کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ ۾ نيو بلوچ ڪلر شاخ ۽ بلو فٽبال ڪلب نوابشاهه ۾ مقابلو ٿيو. بلوچ فٽبال ڪلب ڪلر شاخ بلو ڪلب نوابشاهه کي ڇهن گولن تان شڪست ڏئي افتتاحي ميچ کٽي ورتي. بلوچ ڪلب جي اختر بلوچ مسلسل پنج گول ڪري خوب داد حاصل ڪيو.