جهول (ن پ ا) جهول لڳ ڳوٺ محمد موسيٰ مڪراني جي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ ٻارڙن اسڪول مان نيڪالي ملڻ خلاف ڪتاب هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نارائڻ، جئيرام، سنتوش ڪمار، حڪيم ۽ ٻين ٻارڙن ٻڌايو ته نيڪالي ڏيڻ بعد گذريل هڪ هفتي کان پرائمري اسڪول جا استاد اسڪول ۾ ويهڻ نٿا ڏين، جنهن سبب اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ ويهاريو وڃي، هوڏانهن اسڪول جي هيڊ ماستر حسين چنڙ جو چوڻ آهي ته اسان شاگردن کي صرف اهو چيو آهي ته ڳوٺ جي ويجهي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جنهن تان نيڪالي جو ڊرامو رچايو ويو آهي، هن چيو ته شاگردن کي اسڪول مان نيڪالي ناهي ڏني.