جهول (ن پ ا) سول جج ون سانگهڙ جو جهول ٿاڻي تي ڇاپو، باندي بڻايل هٿ نه اچي سگهيا، خبر موجب سول جج ون سانگهڙ حليمان خاصخيلي ۽ آصف خاصخيلي جي بازيابي لاءِ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، پر هو هٿ اچي نه سگهيا، جهول پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ماڻهن حليمان خاصخيلي ۽ آصف خاصخيلي تي جهول ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل آهي، اسان سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون پر هو هٿ اچي ناهن سگهيا.